شاهه محمود قريشي

شاهه محمود قريشي

شاهه محمود قريشي

شاهه محمود قريشي: اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر مخدوم سجاد حسين قريشيءَ جو فرزند مخدوم شاهه محمود قريشي، 22 جون 1956ع تي ڪوهه مريءَ ۾ ڄائو. مخدوم صاحب ملتان جي مشهور بزرگ حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ۽ ان جي پوٽي حضرت شاهه رڪن عالمرح جي درگاهن جو سجاده نشين به آهي. سندن عقيدتمندن جو وڏو تعداد سنڌ ۾ اتر، وچولي ۽ ٿرپارڪر ۾ موجود آهي.
شاهه محمود قريشيءَ 1978ع ۾ لاهور جي ‘ايچسين ڪاليج مان فار مئن ڪرسچن ڪاليج’ مان تاريخ جي مضمون ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ 1983ع ۾ يونيورسٽي آف ڪئمبرج (انگلنڊ) مان سياسيات ۽ قانون ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي. ڏيهه واپس اچي هن سياسي زندگيءَ جو آغاز 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن کان ڪيو ۽ مخدوم جاويد هاشميءَ جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1988ع کان 1993ع تائين شاهه محمود قريشي پاڪستان مسلم ليگ سان وابسته رهيو. ان دوران هي نواز شريف جي صوبائي ڪابينا ۾ 1990ع تائين ‘پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ’ کاتي جو وزير ۽ 1990ع کان 1993ع تائين صوبائي وزير خزانه رهيو.
1993ع ۾ مخدوم صاحب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پ پ جي حڪومتي دور ۾ 1996ع تائين پارلياماني مامرن جو مملڪتي وزير رهيو. سندس خلوص ۽ جذبو ڏسندي شهيد بينظير ڀٽو کيس پ پ پنجاب جون اهم ذميواريون سونپيون.
مخدوم شاهه محمود قريشي 2000ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ملتان جو ضلعي ناظم مقرر ٿيو. 2002ع وارين عام چونڊن وقت هن ضلعي ناظميءَ تان استعيفا ڏئي جنرل اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. انهن چونڊن بعد جيئن ته نئين جڙيل پارٽي (ق ليگ) اڪثريت سان سامهون آئي ته پيپلز پارٽيءَ اپوزيشن ۾ ويهندي شاهه محمود قريشيءَ کي پارٽيءَ طرفان وزيراعظم جي اميدوار طور به نامزد ڪيو. ان وقت مير الله جمالي'>ظفر الله جمالي، وزارت عظميٰ لاءِ چونڊيو ويو.
2006ع ۾ پ.پ پنجاب صوبي جو صدر مقرر ٿيو. جڏهن 2007ع ۾ چونڊن جو اعلان ٿيو ته محترمه بينظير ڀٽو وطن واپس اچڻ جو اعلان ڪيو. پنجاب مان مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سنڌ مان مخدوم امين فهيم، محترمه شهيد بينظير ڀٽو جا ويجها ۽ اعتماد وارا ساٿي ليکجڻ لڳا. چونڊ مهم دوران ڊسمبر 2007ع ۾ محترمه جي شهادت جو المناڪ سانحو پيش آيو ته چونڊون ڪجهه مهينا ملتوي ٿيون ۽ 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان چونڊجي، اتحادي جماعتن سان گڏ حڪومت ٺاهي. مخدوم شاهه محمود قريشيءَ کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو. هن جي دور وزارت ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان پاڪستان جا رشتا هموار ٿيندي نظر آيا.
جنوري 2011ع ۾ هڪ آمريڪي جاسوس ريمنڊ ڊيوس پنجاب جي ڪجهه شهرين کي ڦرلٽ جي الزام ۾ قتل ڪيو. ان معاملي کي ميڊيا ۾ گهڻو سنجيده ورتو ويو. احتجاج ٿيا ۽ مقتولن جي وارثن ريمنڊ ڊيوس کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو رکيو. هوڏانهن حڪومت تي دٻاءُ پيو ۽ وزارت داخلا پوليس ڪسٽڊيءَ مان ان آمريڪي اهلڪار کي آزاد ڪري آمريڪا حوالي ڪيو. جنهن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ پنهنجن اختلافن جو اظهار ڪيو.
پارٽيءَ اندر اختلافن ۽ تنقيدي مؤقف رکڻ سبب فبروري 2011ع ۾ کيس پرڏيهي وزارت ڇـڏڻـي پيئي. نومبر 2011ع ۾ هن قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت توڙي پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ميمبرشپ تان به استعيفا ڏئي ڇڏي. ان بعد کيس مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شموليت لاءِ آڇ ٿي. هن پي. ٽي. آءِ جي گهوٽڪيءَ واري جلسي ۾ باقاعده پي. ٽي. آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن وقت مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ وائيس چيئرمئن جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ شاهه محمود قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.06.22  عيسوي

شاهه محمود قريشي، 22 جون 1956ع تي ڪوهه مريءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جت علي فقير
چاڳلا غلام علي
ابڙو خدا بخش
جان بابا مرزا ترخان
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
انجينئر جمال الدين وينجهر
سائينداد ڪلمتي
ڄام چينو
دلو راءِ
حبيب الله خطاط
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون